عبدالسلام چاچڙ

عبدالسلام چاچڙ

عبدالسلام چاچڙ

عبدالسلام چاچڙ: نوجوان اديب ۽ مذهبي اسڪالر عبدالسلام ولد ناصر چاچڙ، 18 جنوري 1989ع تي گهوٽڪي شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد مشهور تعليمدان ۽ سندس ڏاڏو مفتي عبدالوهاب چاچڙ نامور عالم دين آهي. عبدالسلام ابتدائي تعليم ڳوٺ محمد يوسف چاچڙ مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول روهڙيءَ مان، انٽر ۽ بي. اي گورنمينٽ اسلاميه ڪاليج سکر مان ۽ ايم. اي اسلامڪ ڪلچر ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ميرپور ماٿيلي مان پرائيويٽ اميدوار طور حاصل ڪئي. ننڍپڻ کان کيس ادبي ۽ مذهبي ماحول مليو. جنهن دوران سندس ڏاڏي مفتي عبدالوهاب چاچڙ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ سندس رهنمائي ڪئي. جن جي رهنمائيءَ سبب هن ادب ۾ پير پاتو. عبدالسلام چاچڙ جو لاڙو مذهب ڏانهن آهي. وقت به وقت دين جي راهه ۾ مختلف ڪتاب ڇپائيندو رهيو آهي. هيءُ پنهنجي ڏاڏي عبدالوهاب چاچڙ جي ادارت هيٺ نڪرندڙ ماهوار رسالي ‘شريعت’ ۾ سندس ٻانهن ٻيلي رهيو آهي. هن اويس اڪيڊمي گهوٽڪيءَ جو بنياد وڌو. جنهن جي پليٽ فارم تان مختلف مذهبي ڪتاب ڇپرائيندو رهي ٿو. عبدالسلام برصغير جي نامور جيد عالم مولانا عبدالله چانڊيي جي نعتيه شاعريءَ کي سهيڙي ‘احمد ساڻ اپار’ اويس اڪيڊمي گهوٽڪيءَ طرفان 2018ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. عبدالسلام گهوٽڪيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ عبدالسلام چاچڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1989.01.18  عيسوي

عبدالسلام ولد ناصر چاچڙ، 18 جنوري 1989ع تي گهوٽڪي شهر ۾ پيدا ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رانجهن ماسٽر رانجهن
قاضي خادم حسين
شبير احمد مخدوم
عالم سجاولي پير
ابراهيم سنڌي ڊاڪٽر
چيٽرجي شرت چندر
روشن سندر چانڊيو
راشدي مهتاب اڪبر
رعنا شفيق
ڄيٺواڻي هريڪانت
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون